ڪراچي (شهزادو مستوئي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه مختلف ڪاليجز جي 134 مرد اسسٽنٽ پروفيسرن 40 عورت اسسٽنٽ پروفيسرز ۽ 6 لائبريرينز کي گريڊ 18 هين مان 19 هين ۾ ترقي ڏيڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ترقي ماڻيندڙ اسسٽنٽ پروفيسر هاني ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿي ويا آهن. سندن ترقي بابت سليڪيشن بورڊ اڳ ۾ ئي سفارشون موڪلي ڇڏيون هيون.






