انقرهه(ويب ڊيسڪ)ترڪي جي اولهه واري علائقي دوزجا شهر ۾ 6 جي شدت سان زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.برطانوي خابرو اداري موجب زلزلي جي شدت ترڪي جي شهر استنبول ۽ راڄڌاني انقره ۾ به محسوس ڪئي وئي.ميڊيا رپورٽن موجب ترڪي جي شهرن ۾ زلزلي جي پهرين جهٽڪا 20 منٽن بعد محسوس ڪيا ويا، ان ئي علائقي ۾ شديد آفٽر شاڪس پڻ محسوس ڪيا ويا، جنهن جي شدت 4.7 رڪارڊ ڪئي وئي.ترڪي جي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته زلزلي ۾ هينئر تائين ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا پر صحت واري وزير چيو آهي ته زلزلي دوران گهٽ ۾ گهٽ 22 ماڻهو زخمي ٿيا آهن جن مان هڪ جي اوچائي کان ٽپو ڏيڻ سبب زخمي ٿي پيو آهي، جنهن جي حالت نازڪ آهي.آمريڪي زلزلي واري مرڪز موجب زلزلي جو مرڪز استنبول کان 170 ڪلوميٽر اوڀر ۾ هو ۽ ان جي گهرائي 10 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.ان کان اڳ 1999 ۾ ترڪي جي شهر دوجا ۾ 7.2 شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو هو، جنهن ۾ 845 ماڻهو مارجي ويا هئا.
