ترين يوٽيلٽي اسٽورز کي وڌيڪ کنڊ وڪرو ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻ جهانگير ترين يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي وڌيڪ کنڊ وڪرو ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن 40 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ جو ٽينڊر کولي ڇڏيو. جڏهن ته 12 شوگرملز ٻولي جي عمل ۾ حصو ورتو. جهانگير ترين جي شوگرملز جي ڊي ڊبليو 90 روپيه في ڪلو جي حساب سان سڀني کان گهٽ ٻولي ڏني. آخري ٽينڊر جي مقابلي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي تقريبن 2 روپيه في ڪلو جي گهٽ ٻولي ملي هئي.يوٽيلٽي اسٽورز ذريعن موجب ملندڙ ٻولين جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ کنڊ خريداري بابت فيصلو جلد ڪيو ويندو. ان کان اڳ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن 40 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ 91 روپيه 94 پئسا في ڪلو جي حساب سان خريد ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو