ترين سان پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جي ملاقات، حمايت جي خاطري

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين سان وڌيڪ اسيمبلي جي ميمبرن ملاقات ڪري حمايت جي خاطري ڪرائي ڇڏي، کنڊ اسڪينڊ ۾ نامزد جوابدار ۽ تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ جهانگير ترين سان وڌيڪ اسيمبلي جي ميمبر ملاقاتون ڪري حمايت جي خاطري ڪرائي، جهانگير ترين سان ملاقات ڪندڙن ۾ ايم اين اي صاحبزاده محبوب سلطان ۽ ايم اين اي امير سلطان شامل آهن، ذريعن جو راولپنڊي مان چونڊيل پي ٽي آءِ ايم پي اي عمر تنوير بٽ به جهانگير ترين سان ملاقات ڪئي، ٻئي پاسي پنجاب جي گورنر چوڌري سرور پاران جهانگير ترين جي گروپ جي اهم اڳواڻن سان ملاقات ٿي، چوڌري سرور سان ملاقات ڪندڙن ۾ راجا رياض، اجمل چيمه، ۽ خيال احمد ڪاستو سميت ٻيا شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو