ترين خلاف انتقامي ڪاروايون نه آهن ،چوڌري سرور

لاهور (ويٻ ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته جهانگير ترين جي خلاف ڪنهن به انتقامي ڪارروائي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.پنجاب جي گورنر چوڌي محمد سرور لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته وزيراعظم عمران خان ٻه نه  پر هڪ پاڪستان جو واعدو پورو ڪري رهيو آهي. قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي. ڪوبه قانون کان مٿانهون نٿو ٿي سگهي. جهانگير ترين بابت پڇيل سوال تي چوڌي محمد سرور چيو ته جهانگير ترين جي خلاف ڪنهن به انتقامي ڪارروائي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.عليم خان ۽ سبطين خان به ڪيس کي منهن ڏئي چڪا آهن. هن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ عدالتون آزاد آهن ۽ انصاف فراهم ڪري رهيون آهن هر ڪو عدالت وڃي سگهي ٿو. حڪومت اسيمبلي ميمبرن کي جهانگير ترين سان گڏ عدالت وڃڻ کان روڪڻ جي لاءِ ڪابه سختي ناهي ڪئي. تحريڪ انصاف ۾ فارورڊ بلاڪ بنجڻ بابت سوال تي پنجاب جي گورنر چيو ته پارٽي ۾ ڪوبه فارورڊ بلاڪ ناهي بڻجي رهيو. جهانگير ترين ۽ ساٿين وفاقي ۽ پنجاب حڪومت کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي. هڪ ٻئي سوال جو جواب ڏيندي چوڌري محمد سرور چيو ته پي ڊي ايم به ڪنهن خوش فهمي جو شڪار نه ٿئي. عمران خان  ئي وزيراعظم رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو