ترين بابت عدالتي جاچ جو مطالبو رد، انصاف ٿيندو، عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جهانگير ترين ۽ سندس حامي پارليامينٽرين وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ دعويٰ ڪئي آهي ته وزير اعظم سندن سمورا مطالبا مڃي ورتا آهن. جڏهن ته وزير اطلاعات فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم ايف آءِ جي ڪاروائي روڪڻ جي ڪا به خاطري ناهي ڪرائي. وزيراعظم، بيريسٽر علي ظفر کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ته هو ڪيسن جو جائزو وٺندو ۽ رپورٽ ڏيندو، ان تي راجا رياض اعتراض ڪيو ته کيس وزيراعظم ڇنڊ پٽيندي چيو ته اوهان تسلي رکو ڪنهن سان زيادتي نه ٿيندي. ملاقات بعد راجا رياض چيو ته پي ٽي آءِ جي هم خيال گروپ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات دوران مطالبن ۽ تجويزن تي ٻڌل ڊرافٽ پيش ڪيو، جهانگير ترين جي حامي 30 ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي قيادت راجا رياض ڪئي، ميمبر قومي اسيمبلي راجا رياض چيو ته اجلاس ۾ وزيراعظم کين يقين ڏياريو ته انصاف هر صورت ۾ ڪيو ويندو ۽ ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪئي ويندي. نذير چوهاڻ جو چوڻ هو ته وزيراعظم اسان جا سمورا مطالبا قبول ڪري ورتا ، شهزاد اڪبر بابت خدشن تي وزيراعظم چيو ته جهانگير ترين ڪيس جي هو پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. اسان مطالبو ڪيو ته شهزاد اڪبر جي ٽيم کان ڪيس واپس وٺي عدالتي جاچ ڪميشن ٺاهيو. وزيراعظم عدالتي جاچ ڪميشن جو مطالبو رد ڪندي چيو ته ڪنهن سان زيادتي نه ٿيندي. راجا رياض چيو ته شهزاد اڪبر اومني گروپ، خسرو بختيار، پرويز الاهي ۽ شريف خاندان کي ڇڏي جهانگير ترين جي ڪڍ پئجي ويو آهي. هوڏانهن اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جهانگير ترين پي ٽي آءِ جو اهم اڳواڻ آهي پر وزيراعظم عمران خان جهانگير ترين جي حامي ميمبرن سان ملاقات ۾ واضح ڪيو ته ايف آءِ اي کي جاچ کان نه روڪيو ويندو، انصاف جا تقاضا پورا ڪيا ويندا. هن چيو ته في الحال جهانگير ترين سان وزيراعظم جي ملاقات جو في الحال ڪو شيڊول ڪونه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو