ترقي جي لاءِ ڪرپشن کي روڪڻو پوندو:شهباز شريف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف چي آهي ته پاڪستان هاڻ ڊيفالٽ جي خطري کان نڪري چڪو آهي. جادو ۽ ڪارو علم ڪندڙن چاهيو ٿي ته ملڪ ڊيفالٽ ڪري، جيڪڏهن هاڻ ترقي ڪرڻي آهي ته ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻو پوندو. بجلي ۽ گيس جي چوري هر صورت ۾ روڪڻي پوندي.وزيراعظم شهباز شريف اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو جتي سندس ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب ۾ پرجوش استقبال ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي. سنڌ جو وڏو وزير جوان وڏو وزير آهي سندس ٽيم محنت ڪري رهي آهي. گورنر جو جوانن جي ٽريننگ لاءِ شاندار پروگرام تعريف جوڳو آهي. اهڙي طريقي سان پاڪستان تيزي سان ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو.شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ڊيفالٽ جي خطري مان نڪري چڪو آهي. غربت ۽ بيروزگاري کان ڇوٽڪاري لاءِ گڏيل پلان تيار ڪيو ويو آهي. اسان کي گيس ۽ بجلي جي چوري جو خاتمو ڪرڻو پوندو. پاڪستان جي ترقي لاءِ ڪرپشن جو خاتم تمام ضروري آهي. هن چيو ته قوم اڳ ئي مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهي آهي. بيوه ۽ يتيم نه پر هاڻ اشرافيه کي بار قبول ڪرڻو پوندو. اسان کي پنهنجي معيشت جي ري اسٽرڪچر ڪرڻي آهي.وزيراعظم چيو ته ڪجهه ماڻهو ڏينهن رات پاڪستان کي ڊيفالٽ ڪرائڻ لاءِ جادو ڪري رهيا هئا. پاڪستان هاڻ ڊيفالٽ جي خطري کان نڪري چڪو آهي. عوام جي مينڊيٽ سان نئين حڪومت ايندي. ايندڙ مهيني اسان جي حڪومت جو مدو پورو ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو