اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پوليس تحريڪ انصاف جي ٻن اڳوڻي ايم پي ايز کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ايم پي اي چوڌري ظفر کي جيل مان آزاد ٿيندي ئي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر سيمبيا طاهر کي به راولپنڊي مان گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته سيمبيا طاهر خلاف 9 مئي جي پرتشدد واقعن ۾ ملوث هجڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پارٽي ترجمان جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي عورت اڳواڻن کي نشانو بڻائڻ جو نئون سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.
