تباهه ٿيل روڊن جو مرمتي ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي؛ ڪمشنر

سکر (بيورو رپورٽ) ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر سي پيڪ جي سلسلي ۾ سکر-ملتان موٽروي جي تعمير سبب سکر ۽ گهوٽڪي ضلعن جا متاثر ٿيل روڊن جو مرمتي ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته روڊن جي زبون حالي سبب علائقي واسي ڀوڳي رهيا آهن تمام جلد معياري ڪم ڪري روڊن کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو وڃي. هن اهڙيون هدايتون پنهنجي آفيس جي ڪانفرنس روم ۾ سکر-ملتان موٽروي جي تعمير سبب متاثر ٿيل روڊن جي بحالي جي سلسلي ۾ ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ چيني تعميراتي ڪمپني جي ڊپٽي جنرل مئنيجر ڊنگ زائوجي، ڊي سي سکر غلام مرتضيٰ شيخ، ڊي سي گهوٽڪي خالد سليم، چيني انجنيئرن، نيشنل هاءِ ويز، پراونشل ۽ ڊسٽرڪٽ هاءِ ويز جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊي سي سکر ٻڌايو ته سکر ضلعي ۾ گڏيل سروي بعد 45 روڊ متاثر رپورٽ ٿيا پر چيني ڪمپني وارا 28 روڊ مڃڻ لاءِ تيار آهن، هيوي مشينري جي استعمال سبب ڪيترائي روڊ متاثر ٿيا آهن ۽ ڳوٺاڻا مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. نيشنل هاءِ ويز پاران ٻڌايو ويو ته سکر ضلعي ۾ 28 مان 7 روڊن جو مرمتي ڪم مڪمل آهي ٻين تي ڪم هلندڙ آهي. ان موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر چيو ته سکر ضلعي ۾ 45 ۽ گهوٽڪي ضلعي ۾ 19 کان وڌيڪ روڊ متاثر ٿيا جنهن سبب ماڻهو ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته مرمت ڪيل ڪجهه روڊن جو ڪم معياري ناهي ٿيو، پراونشل ۽ ڊسٽرڪٽ هاءِ ويز جا روڊ اصل حالت ۾ بحال ٿيڻ کپن. ڪمشنر سکر ڊويزن هدايت ڪئي ته ڊپٽي ڪمشنرن جي نگرانيءَ ۾ تڪراري روڊن جي ٻيهر گڏيل سروي ڪرائي وڃي ۽ سائيٽ تي منٽس تيار ڪيا وڃن ان سان گڏوگڏ تصويرون ۽ جيوگرافيڪل ميپس حاصل ڪري 10 ڏينهن اندر مڪمل رپورٽ ڏني وڃي. ڪمشنر سکر شفيق احمد مهيسر چيو ته ملتان-سکر موٽر وي جي تعمير ۾ هيوي مشينري سبب ڊسٽرڪٽ ۽ پراونشل هاءِ ويز جا ڪيترائي روڊ سخت متاثر ٿيا آهن، ماڻهن کي تڪليفن مان ڪڍڻ لاءِ انهن روڊن جي جلد کان جلد مرمت ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو