ٻارڙيءَ جي اغوا ڪيس ۾ پوليس جوابدارن جو رمانڊ وٺي ڇڏيو

گهوٽڪي (ن س ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت گهوٽڪي جي خانگي اسپتال مان تازي ڄاول ٻار ڙيءَ جي اغوا بابت ڪيس ۾ گرفتار 2 نرسن سميت 4 جوابدارن کي 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.گهوٽڪي پوليس خانگي اسپتال ۾ تازو ڄاول ٻارڙيءَ جي اغوا ڪيس ۾ گرفتار اسپتال جي 2 نرسن سميت 4 جوابدارن کي ميرپور ماٿيلي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو.عدالت ناهيد چنه، تسليم نائچ، جاويد احمد ۽ محمد علي کي 3 ڏينھن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.   واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ گهوٽڪي جي خانگي اسپتال مان اغوا ٿيل تازي ڄاول ٻارڙيءَ کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. عادلپور جي پير بغدادي محلي جي رهواسي ۽ اغوا ٿيل ٻارڙيءَ جي پيءُ زوهيب ڪلوڙ جي فرياد تي گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس بعد پوليس نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن رمانڊ ورتو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو