تاريخ ۾ قرض 70 سيڪڙو ۽ 11 مهينن ۾ 30 سيڪڙو وڌيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ حماد اظهر چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) حڪومت پاڪستان جا ساليانو قرض وٺڻ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير چيو ته 11 مهينن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي قرضن ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.حماد اظهر چيو ته 75 سالن جي تاريخ ۾ قرضن ۾ 70 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ صرف 11 مهينن ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.هن چيو ته 11 مهينن ۾ پاڪستان جي اندروني ۽ بيروني قرضن ۾ 23 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو