اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته تاجڪ صدر امام علي رحمان 14 ڊسمبر تي پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي پهچندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته رحمان جي دوري دوران، مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا ۽ توقع ڪئي وئي ته ڪيترن ئي ٻه طرفي معاهدن ۽ يادداشت يا مفاهمت تي دستخط ڪندا. انهن معاهدن ۾ جن تي دستخط ٿيڻ جو امڪان آهي، هڪ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدو آهي جيڪو گذريل هفتي واپار واري وزارت جي سفارش تي ڪابينا طرفان منظور ڪيو ويو هو. ايف او چيو ته تاجڪ صدر جي پاڪستان جي دوري دوران اميد آهي ته “مختلف شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ وڌندڙ جيو-اڪنامڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاء نئين حوصله افزائي ٿيندي”.










