تاجرن جو احتجاج، ڳالهيون ناڪام، 28 تي شٽر ڊائون جواعلان

اسلام آباد(بيورو رپوروٽ) تاجرن ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد تاجرن 28 آڪٽوبر تي سڄي ملڪ ۾ شٽر ڊائون هڙتال جي ڪال ڏئي ڇڏي. تاجرن 15 آڪٽوبر تي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ ڪلاڪ جي علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي. ان کان اڳ مختلف شهرن مان تاجر برادري جا وفد ميلوڊي ۾ گڏ ٿيا جنهن بعد ايف بي آر  جي هيڊ ڪوارٽر ڏانهن مارچ شروع ڪيو، پوليس سيرينا هوٽل وٽ ڪنڊيدار تارون وڇائي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته تاجر ۽ پوليس هٿين پئجي ويا ۽ ڪجهه تاجر رڪاوٽون ٽوڙي اڳتي وڌڻ لڳا، جن تي پوليس هلڪي لٺ بازي به ڪئي. ان دوران تاجرن جي نمائندن کي ايف بي آر مان ڳالهين جو پيغام مليو ته ڪجهه تاجرن جا نمائندا ڳالهين لاءِ ويا، جن مطالبو ڪيو ته خريداري لاءِ شناختي ڪارڊ جو شرط ختم ڪريو، ننڍن تاجرن تي ٽيڪس گهٽايو، دڪانن تي ڇاپا بند ڪريو ۽ اسمگلنگ جو سامان وڪرو ڪندڙن بدران سرحدن تي نظام بهتر ڪريو. حڪومت سندن مطالبا رد ڪري ڇڏيا ۽ ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ ٿيل ڳالهين جي ناڪامي بعد تاجرن علامتي بک هرتال ۽ شٽر ڊائون جي ڪال ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو