سجاول ( ن س) سجاول ۾ بٺورو واسي جو سندس سهري ۽ ان جي ڀائرن جي مبينه ظلمن خلاف احتجاج، انصاف جي گُهر مير پور بٺورو لڳ ڳوٺ حاجي حمزو سوهو جو رهواسي محمد عمرسوهو ۽ زال سڪينه سوهو سجاول پهچي سورج سجاولي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي سندس سهرو حاجي کُڌهو سوهو ۽ ان جو ڀاءُ حاجي حمزو سوهو، غلام مصطفيٰ سوهو، علي گلزار سوهو، حاجي خدابخش سوهو وارن تي مبينه الزام هڻندي چيو ته منهنجي 24 ايڪڙ ذاتي زرعي زمين زرعي ترقياتي بئنڪ مان گروي رکي لون کنيو آھي ۽ ديوان مل يوبي ايل بئنڪ مان ٽريڪٽر به منهنجي نالي تي ڪڍرائي مونسا وڏو فراڊ ڪيو آھي، منهنجو 18 لک روپين جو نقصان ٿيو آھي حق گهرڻ تان مونکي ۽ منهنجي گهرواري کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن، هن چيو ته اهڙي دانهن چڱن مٺن کي به ڏني آھي پر انهن کي به مڃڻ لاءِ تيار ناهن، هن ايس پي سجاول ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته انهن جي مٿان قانوني ڪاروائي ڪري مونکي منهنجو حق واپس ڏياريو وڃي
