بي بي فاطمه جو روضو ڊاهڻ خلاف احتجاج

شهدادڪوٽ( ڊ    ر ) شهدادڪوٽ ۾ بي بي فاطمه سلام الله عليه جو روضو ڊاهڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. تحريڪ نفاذ فقه جعفريه پاران سعوي حڪومت پاران رسول ڪريم صلي الله عليه واله وسلم جي نياڻي بي بي فاطمه سلام الله جو روضو ڊاهڻ خلاف امام بارگاه دربار ابوالفضل العباس  اسٽيشن روڊ کان سيد سجاد علي شاه، دمساد ميرجت، مولوي محمد علي جاگيراڻي، فقير مٺل مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽوموٽو چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو. ان موقعي اڳواڻن سعودي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي پياري نبي ڪريم حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه واله وسلم جي پياري نياڻي حضرت بيبي فاطمه سلام الله عليه جي روضي سميت تمام اهلبيت عليه السلام ۽ اصحابه اڪرام رضي الله تعالي عنه جون قبرون ڊاهي مسمار ڪيو آهن جنهن سان تمام امت مسلماء جي دل آزاري ٿي آهي هنن اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي، سعودي عرب جي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پاڪ بيبي فاطمه سلام الله عليه سميت تمام اهلبيت عليه السلام ۽ اصحاب اڪرام رضي الله تعالي عنه جا روضه تعمير ڪرائي مسلمان جي دلين ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو