راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته بي اختيار وزيراعظم 6 مهينن ۾ 5 ڀيرا فيصلن لاءِ لنڊن ويندو آهي.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجو پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته گيلپ موجب 88 سيڪڙو واپاري ڪميونٽي حڪومت پاليسي کان اڻڄاڻ آهي. سياسي عدم استحڪام، سياسي عذاب يا سياسي انقلاب وڌيڪ پري ناهي. ملڪ ۾ بي يقيني واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.شيخ رشيد چيو ته آءِ ايم ايف ۽ حڪومت وچ ۾ فاصلا ايترا وڌي ويا آهن جو هاڻ غلطي جي ڪابه گنجائش ناهي. 30 نومبر تي آر يا پار ٿي ويندو. هنن کي قوم جي ڀلائي نه پر پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻا آهن. نيب آفيس ۾ ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ چورن جي وڏي رش لڳل آهي.شيخ رشيد چيو ته نيب قانون ۾ ترميم تي ڪوبه خوش ناهي، قوم مهانگائي سبب مري رهي آهي ۽ حڪمران ٽوپيون مٽائي رهيا آهن. نااهل حڪمران اهم مقرري جو فيصلو به پنهنجي ملڪ ۾ نٿا ڪري سگهن.










