بي اثر دوائون، عوام پئسن سان موت ٿو خريدي، اختياريون خاموش

مدئجي(نويد احمد دل) گرمي جو پد 46 ۽ ان کان وڌڻ سبب بنا ايئر ڪنڊيشنڊ ميڊيڪل اسٽورن تي رکيل دوائون بي اثر بڻجي ويون پر ان جي باوجود به مدي خارج دوائن جو وڪرو جاري آهي. مدئجي ۾ ڪنهن به اسٽور ۾ اي سي ناهي لڳل پر ان صورتحال جو ڪنهن به اختياري نوٽيس ناهي ورتو. ڊرگ انسپيڪٽر ۽ ڊي ايڇ او ڀتا خوري سبب ڪاروائي نٿا ڪن. انساني زندگين سان کيڏيو پيو وڃي. عپام کي پاڻ اک پٽڻ گهرجي ۽ ڪنهن به بنا اي سي واري اسٽور تان دوا خريدڻ نه گهرجي. هر ڪمپني پاڻ دوا جي ليبل تي لکندي آهي ته 15 کان 30 ڊگري درجي تي دوا رکي وڃي ٻئي صورت ۾ بي اثر ٿي ويندي. قانون موجب هر ميڊيڪل اسٽور واري کي اي سي لڳائڻي آهي پر انتظاميا جي ملي ڀڳت ۽ عوام ۾ شعور نه هجڻ ڪري ڪو به ان پاسي ڌيان نٿو ڏي. پئسا ڏئي مدي خارج دوا خريدي زندگي سان ظلم نه ڪريو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو