بيٽري چوري کي مذهبي رنگ ڏئي فساد جي سازش ناڪام

گهوٽڪي/ اوٻاڙو (نمائندن وٽان ) مغل پاڙي جي مسجد مان بيٽري چوري ڪرڻ جي نيت سان آيل چورن ڪٻٽ جا شيشا ڀڃي تلاشي ورتي پر کين ڪجهه هٿ نه آيو. ان واقعي کي ڪجهه شرپسندن قرآن پاڪ ۽ مسجد جي بيحرمتي جو رنگ ڏئي هندو مسلمان فساد ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪندي سوشل ميڊيا تي مهم شروع ڪري ڏني. جنهن مختلف مڪتب فڪر جي عالمن پاران ناموس رسالت ڪيس بعد قائم ٿيل امن لاءِ خطرو پيد ٿي پيو. پوليس ترت معاملي جي تهه تائين پهچي قائم ڪيل امن برقرار رکڻ جي مهم ڪامياب رهي. ان باري ۾ مڊهبي ڌرين پڻ بردباري ۽ ذميوري جو مظاهرو ڪيو. مسجد ۾ ڀڃ ڊاهه جي اطلاع تي پوليس پهتي ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙهي ورتو، ان سان گڏوگڏ علائقي وارا به واقعي واري هنڌ پهچي ويا. ايس ايس پي فرخ لنجار ۽ ڊي ايس پي يار محمد رند به واقعي واري هنڌ پهچي انتظاميه توڙي مقامي ماڻهن کان  معلومات ورتي. ايس ايس پي سنڌ يار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪجهه شر پسند عناصر ان چوري جي ڳالهه کي ڪنهن ٻئي طرف لاڙو ڏين ٿا ته آءٌ  انهن کي ٻڌائيندو هلان ته اهڙي ڪنهن به شئي سان شيشو ڀڃڻ جو واسطو ناهي ، جڏهن ته ماضي ۾ به مسجدن مان يو پي ايس ۽ بيٽريون چوري ڪرڻ جا واقعا پيش ٿي چڪا آهن، ان چوري ۾ جيڪو به ملوث هوندو انهن  جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو