بيلٽ پيپر جي سائيز گهٽائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ )اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان بيلٽ پيپر جي سائيز گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بيلٽ پيپرز جي ٻيهر ڇپائي واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته جن تڪن ۾ بيلٽ پيپر ٻيهر ڇپجڻا آهن، اهي آخر ۾ ڇپيا ويندا. اجلاس جي پڌرائي موجب بيلٽ پيپرز جي ٻيهر ڇپائي جو دارومدار خاص سيڪيورٽي پيپر جي دستيابي ۽ وقت تي هوندو.پڌرائي ۾ اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته چونڊن لاءِ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو ڪم هن وقت جاري آهي، عدالتي فيصلن سبب ڪيترن ئي تڪن ۾ ٻيهر ڇپائي جو ڪم جاري آهي.اليڪشن ڪميشن جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي پيپر جي ٻيهر ڇپائي ۽ بروقت ڇپائي هڪ وڏو چئلينج آهي.اعلان موجب 2018ع ۾ بيلٽ پيپر جي ڇپائي ۾ 800 ٽن اسپيشل سڪيورٽي پيپر استعمال ڪيا ويا، جڏهن ته 2024ع ۾ اميدوارن جي وڏي انگ سبب 2400 ٽن اسپيشل سيڪيورٽي پيپر جي ضرورت هئي.اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته صورتحال جي سنگيني سبب بيلٽ پيپر جي سائيز گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته بيلٽ پيپر جي سائيز کي گهٽائڻ سان سيڪيورٽي پيپر جي ضرورت 2,170 ٽن ٿي وئي آهي، صرف هڪ بيلٽ پيپر کي ڇپائڻ لاء ڪافي آهي.اليڪشن ڪميشن پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو آهي ته ڪيترن ئي تڪن تي بيلٽ پيپرز جي ٻيهر ڇپائي اليڪشن ڪميشن لاءِ وڏو چئلينج آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو