بيدردي سان ڳلو ڪپي قتل ڪيل پورهيت جو لاش هٿ

ڀرياروڊ (دانيال شيخ) گورنمنٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول ڀرسان ڀرياروڊ جي ياسين ڪالوني واسي رازڪو ڪم ڪندڙ مستري 60 ساله  اقبال پٽ محمد شفيع آرائين جو بيدردي سان ڪهاڙين ۽ تيز ڌار اوزا سان گلو ڪپيل  لاش هٿ .واقعي واري هنڌ سوين شهري پهچي ويا . اطلاع تي ڀرياروڊ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ڀرياسٽي اسپتال  آندو. جڏھن ته قتل ٿيل پيرسن جي پٽ عرفان آرائين ٻڌايو ته ظالمن ظلم ڪيو آهي اسان کي انصاف کپي . رات 10 بجي کان بابا جو موبائيل نمبر بند هيو . جڏھن ته ايس ايڇ او راڻا جمشيد رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جلد قاتلن کي پڪڙي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر خادم ميمڻ ٻڌايو ته مقتول کي مٿي ۾ تيز ڌار اوزار سان 6 کان وڌيڪ ڌڪ لڳل آھن ۽ تيز ڌار اوزار سان ڳلو به ڪپيو ويو آھي ۽ پيٽ ۽ سيني تي به ڇرن جا نشان موجود آھن۔ جڏهن ته پوليس پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو. مقتول جي واقعي جي خبر پوري شهر ۾ باهه جيان پکڙجي وئي . لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو