بيبي مري قتل ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ورتو، پي پي چمبڙ جي صدر تي قتل جوالزام

ميرپور خاص (ن س) ڪراچي ۾ رهندڙ ۽ پُراسرار نموني ٻوڙي ماريل بيبي مري جي معاملي نئون رُخ اختيار ڪري ورتو آهي. بي بي مري جي والد مولا بخش مري طرفان ڪنهن ماڻهوءَ کي فون تي ٻڌايل قصي جي منظرعام تي اچڻ بعد قصو ئي نئون ٿي ويو آهي. وائرل ٿيل وڊيو ۾ مولا بخش مري الزام هنيو آهي ته پ پ تعلقي چمبڙ جو صدر رمضان مري ۽ سندس پٽ ڌيءُ بي بي مري جي قتل ۾ ملوث آهن. هن چيو ته سلطان آباد واري علائقي ۾ 5 ماڻهن کين گهيري ورتو هو، جهن مان ٽن کي هنن سڃاتو، باقي ٻن ماڻهن کي سڃاڻي نه سگهيا. سلطان آباد واري علائقي وٽ رمضان مري جي پُٽن حسين بخش، بادشاهه ۽ دلبر مري کين روڪي ورتو ۽ ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن معاملي کي اڳتي وڌايو ته ڌيءُ جي (قابل اعتراض) وڊيو وائرل ڪري ڇڏيندا. بيبي مري جي والد چيو ته رمضان مري جا پُٽ ڌيءُ بيبي مري کي بليڪ ميل ڪندا هئا، پران باري ۾ هن وڌيڪ تفصيل نه بڌايا. هن چيو ته رمضان مري جي ڌر وارن کين ڌمڪيون ڏنيون آهن ته معاملي کي اڳتي وڌائڻ جي صورت ۾ نه رڳو ڌيءُ جي وڊيو وائرل ڪئي ويندي، پر شادي شده ٻين ڌيئرن کي به قتل ڪري ڇڏينداسين. مولا بخش مري چيو ته جوابدارن جي بااثر هجڻ ڪري اسان دٻاءُ ۾ اچي معاملي کي آپگهات قرار ڏنو پر ان هوندي به جوابدارڌر بااثر هجڻ ڪري ڪيس جا رخ موڙڻ لاءِ ڪردار ادا ڪي پئي. بيبي مري جي والد مولا بخش مري وائرل ٿيل وڊيو ۾ وڌيڪ چيو آهي ته جيڪڏهن کين ڪجهه ٿيو ته اُن جا ذميوار رمضان مري ۽ سندس پُٽ هوندا. لڳي ايئن ٿو ته ويڊيو وارثن پنهنجي جان بچائڻ لاءِ تيار ڪرائي جاري ڪئي آهي. ٻئي ڌر جو موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر خبر فائيل ڪرڻ تائين رابطو نه ٿي سگهيو. جنهن مهل ٻئي ڌر جو موقف آيو ته اسين ان کي شامل ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو