بورڊ جي نتيجن ۾ تبديلي،6 جوابدارن جي عبوري ضمانت منظور

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي اينٽي ڪرپشن عدالت انٽرميڊيٽ جي نتيجن ۾ ٽمپرنگ ڪيس ۾ نامزد 6 جوابدارن جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.عدالت اڳوڻي چيئرمين انٽر بورڊ سعيد الدين، نسيم ميمڻ، اڳوڻي ڪنٽرولر امتحانات انور عليم، ظهير الدين ڀٽو جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪندي جوابدارن کي 1.1 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي 29 مارچ تائين جواب طلب ڪري ورتو.اينٽي ڪرپشن کاتي جي اختيارين موجب انڪوائري ڪميٽي جي سفارشن تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.اينٽي ڪرپشن کاتي جي عملدارن جو اهو به چوڻ آهي ته جوابدارن تي انٽرميڊيٽ پري ميڊيڪل 2022 جي نتيجن ۾ بي ضابطگي جا الزام آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو