بوئنگ 737 جهازن کي گرائونڊ ڪرڻ جو حڪم

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)يو ايس ايئر لائن ريگيوليٽر ڪجهه بوئنگ 737 جهازن کي گرائونڊ ڪرڻ جو حڪم ڏنو،پرڏيهي خابرو اداري موجب جهازن جو جائزو وٺڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب سڄي دنيا ۾ 171 جهاز متاثر ٿيندا ۽ آپريشن ۾ 4 کان 8 ڪلاڪ لڳندا.گذريل ڏينهن الاسڪا ايئرلائن جي جهاز جو ڪجهه حصو هوا ۾ اڏامي ويو هو، جنهن بعد جهاز جي ايمرجنسي لينڊنگ ڪئي وئي هئي.ميڊيا رپورٽن موجب جهاز ۾ عملي سميت 177 ماڻهو سوار هئا.بوئنگ هن وقت تائين سڄي دنيا ۾ 218 جهاز پهچائي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو