بهار ڪالوني ۾ عمارت ڪري پئي 2 فوت 10 زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لياري جي بهار ڪالوني ۾ ڪوئلي جي گودام لڳ ٻه ماڙ عمارت ڪري پئي آهي جنهن ۾ هڪ عورت سميت 2 فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا آهن. پراڻي ۽ ڪمزور عمارت اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي. ريسڪيو ذريعن موجب ملبو هٽائڻ ۽ دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ جو ڪم جاري آهي. رينجرز پهچي وئي آهي تنگ گهٽي هجڻ ڪري ريسڪيو ۾ مشڪل پيش اچي پئي. ايڌي ذريعن موجب 2 لاش ۽ 10 زخمي لياري ۽ سول اسپتال پهچايا آهن. ياد رهي ته هلندڙ سال ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ جو هي پنجون واقعو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو