بن قاسم جي حد مان گيراج مان نوجوان جوڙي جا لاش هٿ

ملير(درياخان شر) بن قاسم ٿاڻي جي حد ۾ قائم شوروم ۽ گيراج علي رضا موٽر  ورڪشاپ ۾ بيٺل گاڏي نمبر APY-406 لیانا مان ھڪ نوجوان جوڙي جا پراسرار نموني لاش ھٿ آيا آهن. لاشن جي سڃاڻپ حماد ملڪ ولد سلطان  عمر 19/20 سال ۽ ڇوڪري حرا ڌي پرویز عمر  18 سال آھي. ايس ايڇ او بن قاسم ٻڌايو ته ھنن جو تعلق گلشن حديد سان آھي. ڊاڪٽر خان محمد ڏاھاڻي جو چوڻ آھي ته بند گيرج ۾ هلندڙ ڪار جي دونهين ۽ هلندڙ اي سي سبب ڪاربن مونو آڪسائيڊ گئس پيدا ٿئي ٿي، جيڪا ماڻهن کي سيڪنڊن ۾ بي هوش ڪري ٿي، جنهن بعد ماڻهو پنهنجو بچاءُ نه ڪري سگهندو آهي ۽ ڪجهه دير ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويندو آهي. لاشن کي پوسٽ مارٽم لاء جناح اسپتال روانو ڪري ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو