ٻن ضلعن ۾ جهيڙن جي 5 واقعن ۾ 1 فوت 26 ڄڻا زخمي

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻن ضلعن ڪشمور ۽ شڪارپور ۾ مختلف معاملن تي جهيڙن سبب هڪ ڄڻو فوت 26 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڪنڌ ڪوٽ مان غالب بلوچ موجب ديراسرڪي پوليس جي حد ۾ رستي جي معاملي تان ملڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙوٿي پيو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا ست ماڻھو زخمي ٿي پيا. پوليس وقت سر مداخلت ڪري وڌيڪ نقصان کان ڌرين کي روڪي ورتو. پوليس زخمين کي فوري علاج لا۽ تنگواڻي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. زخمين ۾ عمران ملڪ، اعجاز، معراج، سراج ملڪ ۽ ٻيا شامل آھن. غوثپور مان عبدالنبي ملڪ ٻڌايو ته ڪچو ڪيٽي ٿاڻي جي حد جي علائقي ڳوٺ غازي تيغاڻي ڀرسان تيغاڻي برادري جي ھٿيار بندن غوثپور کان ڪچي مان سواري کڻڻ لاءِ ويل ٽيڪسي ڊرائيور لائق عمراڻي کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس لاش کڻڻ وئي ته تيغاڻين لاش اهو چئي کڻڻ نه ڏنو ته ان جو ڪيس سندن خلاف داخل نه ٿيندو. ڪافي دير بعد پوليس سندن شرط مڃي لاش کڻائي وئي ۽ پوسٽمارٽم بعد لاش وارثن  حوالي ڪيو ويو.

علائقي ۾ چوٻول آھي ته مقتول جو ڪجھ عرصو اڳ تيغاڻي برادري جي ماڻھن سان جھيڙو ٿيو هو. شڪارپور جي شهر خانپور مان زبير گل موجب جهيڙن جا 3 واقعا ٿيا. جنهن مان هڪ واقعي ۾ بروھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جھيڙو ٿيو، لٺيون ڪھاڙيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا 6 عورتن سميت 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جن مان 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب کين سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو، خانپور پوليس ٻنھي ڌرين جي فرياد تي الڳ الڳ 15 ڄڻن خلاف اين سي داخل ڪري ٻنھي ڌرين جي 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. ٻئي واقعي ۾ فيضو ٿاڻي جي حد ۾ معمولي ڳاله تان ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جيهڙو ٿيو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب هڪ ڄڻو بادشا هه ڪلهوڙو زخمي ٿي پيو. ٽئين واقعي ۾ ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿيو. جنهن ۾ 13 سالا نينگر الھداد بنگلاڻي ۽ مھمان ٿي آيل خيرپور جو رھواسي اسداللہ  ڦلپوٽو زخمي ٿي پيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو