بنگلاڻين ۾ زمين تان جهيڙو هڪ قتل 4 زخمي

ٺل(عبدالنبي شيخ) بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو هڪ ڄڻو قتل چار زخمي ٿي پيا. بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ بگن بنگلاڻي ۾ بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جتي لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 40 سالن جو بجار بنگلاڻي قتل ٿي ويو جڏهن ته جهيڙي دوران  گلزار احمد.اصعۡر علي.ساوڻ.ناهڙ بنگلاڻي سميت چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو