بنگلاديش ۾ سڀاڻي چونڊون ٿينديون،حسينه جي ڪاميابي جو امڪان

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ عام چونڊون آچر تي ٿينديون، جنهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اڳوڻي وزيراعظم حسينه واجد کي اڪثريت ملڻ جو امڪان آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب بنگلاديش نيشنل پارٽي ۽ ٻين مخالف پارٽين بنگلاديش ۾ آچر تي ٿيندڙ عام چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو آهي.ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اپوزيشن کانسواءِ چونڊون ٿيڻ سان شيخ حسينه واجد جي پنجين ڀيرو وزيراعظم چونڊجڻ جي راهه هموار ٿي وئي آهي.ٻئي پاسي اليڪشن کان 2 ڏينهن اڳ مسافر ٽرين ۾ باهه لڳڻ سبب 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيتريون ئي ڪوچون سڙي ويون.پوليس واقعي جو ذميوار مخالف ڌر کي قرار ڏنو پر مخالف ڌر سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا.ميڊيا رپورٽن موجب بنگلاديش ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ فوج کي مقرر ڪيو ويو آهي.اپوزيشن غير جانبدار نگران حڪومت ۽ شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهي آهي، هن وقت تائين بنگلاديش نيشنل پارٽي جي مرڪزي قيادت سميت 11 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هزارين ماڻهو لڪايل آهن. ٻئي طرف عالمي برادري ملڪ ۾ تڪراري چونڊن جي انعقاد تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو