بني گالا کان اڊيالا جيل منتقل ڪيو وڃي،بشريٰ جي درخواست

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) توشه خانه ڪيس ۾ سزا ماڻيندڙ بشريٰ بي بي سب جيل قرار ڏنل بني گالا کان واپس اڊيالا جيل منتقلي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي پنهنجي درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته بني گالا کي سب جيل قرار ڏيڻ وارو انتظاميه جو 31 جنوري جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي مان ڪنهن به عام قيدي جيان پنهنجي سزا اڊيالا جيل ۾ ڪاٽڻ چاهيان ٿي. بشريٰ بي بي چيو آهي ته سمورا شهري قانون جي نظر ۾ برابر آهن. ٻيا سياسي ڪارڪن جيلن ۾ عام قيدين سان گڏ آهن. بني گالا سب جيل ۾ منتقلي حقن جي ابتڙ آهي. 31 جنوري تي صبح 10 وڳي کان رات 9 وڳي تائين مون کي اڊيالا جيل ۾ انتظار ڪرائڻ کان پوءِ سب جيل منتقل ڪيو ويو. پڇڻ تي ٻڌايو ويو ته بني گالا رهائشگاهه کي سب جيل قرار ڏنو ويو آهي. بشريٰ بي بي هاءِ ڪورٽ کان استدعا ڪئي آهي ته چيف ڪمشنر آفيس اسلام آباد جو 21 جنوري جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو