بنون (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواه جي بنون ضلعي ۾ نور پوليس اسٽيشن جي گيٽ ويجهو ڌماڪو ٿيو آهي.بنون پوليس موجب، ڌماڪي ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا آهن.پوليس چيو آهي ته ڌماڪي ۾ 12 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن ۽ انهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدار مواد هڪ موٽرسائيڪل ۾ رکيل هو، جيڪو نامعلوم دهشتگردن ڌماڪو ڪيو.










