بندوق ۽ ڏنڊي جي زور سان بهتري نه ايندي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف پرامن احتجاج ڪندڙن تي تشدد مذمت جوڳو عمل آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ سراج الحق چيو ته عوام چونڊن ۾ ڌانڌلي جي خلاف فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي، پهريان ووٽ چوري ٿيا هاڻ نتيجا چوري ٿيا آهن. فارم 45 وارا روڊن تي جڏهن ته فارم 47 وارا عهدن جي ورهاست ۾ مصروف آهن.هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ استحڪام آڻڻو آهي ته ادارا آئين ۽ حلف جي پاسداري ڪن، بندوق ۽ ڏنڊي جي زور سان بهتري نه ايندي، عوام جو فيصلو قبول ڪرڻو پوندو، جعلي اليڪشن ۽ جعلي نتيجن کان پوءِ ٺهندڙ حڪومت به جعلي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو