بنا منظوري قائم نوشهري جا 8پوليس ٿاڻا، چوڪين ۾ تبديل

نوشهروفيروز(رپورٽ مشتاق حسين مري) آءِ جي سنڌ سيد ڪليم امام نوشهروفيروز ضلع جي 8 ٿاڻن کي ختم ڪري انهن کي پوليس چوڪين ۽ چيڪ پوسٽن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. آءِ جي سنڌ جي اهڙي حڪم بعد ايس ايس پي نوشهروفيروز ڪيپٽن (ر) طارق ولايت ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي. حڪم موجب ختم ڪيل ٿاڻن ۾ هالاڻي، خانواهڻ، ابڙان، درياخان مري، سڌوجا، نوان جتوئي، درس۽ قمرالدين چانڊيو ٿاڻا شامل آهن. جڏهن ته درس ۽ قمرالدين چانڊيو ٿاڻن کي پوليس چيڪ پوسٽن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ڪجهه سال اڳ ڄاڻايل پوليس چوڪين کي اپ گريڊ ڪري ٿاڻن ۾ تبديل ڪري اتي ايس ايڇ اوز مقرر ڪيا ويا هئا پر انهن ٿاڻن کي اڃا تائين ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ايف آءِ آر رجسٽر نه ڏنو ويو هو. جنهن ڪري انهن ٿاڻن جو ڪيس صدر ٿاڻن تي داخل ڪيو ويندو هو. آءِ جي جي حڪم بعد هاڻي اتي مقرر ايس ايڇ اوز کي هٽائڻ بجاءِ انهن کي پوليس چوڪين ۽ چيڪ پوسٽن جو انچارج مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي ڦل ۽ ڀريا روڊ ٿاڻا به اڳ ۾ پوليس چوڪي هئا انهن کي گهرو کاتي مان منظوري بعد ٿاڻي طور تي برقرار رکيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو