بليڪ لسٽ ۾ نالو رکڻ يا ڪڍڻ ڊي جي ايف آءِ جواختيارآهي،فواد

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته بليڪ لسٽ ۾ نالو وجهڻ يا ڪڍڻ ڊائريڪٽر  جنرل ايف آءِ اي جو اختيار آهي.وفاقي وزير فواد چوڌري سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي لکيو آهي ته بليڪ لسٽ ۾ نالو  وجهڻ يا ڪڍڻ ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي جو اختيار آهي. هن چيو ته شهباز شريف جي وڪيلن طرفان عدالتي فيصلي کي بليڪ لسٽ مان نالو ڪڍرائڻ جي اڃان تائين ڪابه درخواست ڊي جي ايف آءِ اي کي ناهي ڏني وئي.فواد چوڌري چيو ته صرف زباني ڳالهين تي رڪارڊ ۾ تبديلي نٿي ڪري سگهجي ۽ حڪومت ان فيصلي جي خلاف عدالت سان رابطو ڪندي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن ايف آءِ اي اميگريشن اختيارين شهباز شريف کي سسٽم ۾ بليڪ لسٽ هجڻ سبب دوحه  ويندر اڏام مان آف لوڊ ڪري ڇڏيو هو

پهنجو تبصرو موڪليو