بلوچستان نيشنل پارٽي پاران حڪومت کان ڌار ٿيڻ تي غور شروع

ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) حڪومت جي اهم اتحادي پارٽي بلوچستان نيشنل پارٽي(بي اين پي) خدشن سبب وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.بي اين پي سربراهه اختر مينگل جي صدارت هيٺ خضدار ۾ پارٽي قيادت جو مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس دوران بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس دوران حڪومت کان ڌار ٿيڻ تي به مشاورت ڪئي وئي. فيصلو ڪيو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف کان علاوه ٻين اتحادي پارٽين کي خدشن کان آگاهه ڪيو ويندو. معاملن ۾ بهتري نه اچڻ جي صورت ۾ حڪومت کان رستا ڌار ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو