بلوچستان اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو. بلوچستان جي ٻارهين اسيمبلي جو پهريون اجلاس اربع تي ٿيو، صوبائي اسيمبلي جي اجلاس جا انتظام مڪمل ڪيا ويا.اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر جان محمد جمالي بيماري سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو، ان ڪري نون چونڊيل صوبائي اسيمبلي ميمبر زمرڪ خان اچڪزئي کي بلوچستان جي گورنر نامزد ڪيو ويو آهي.بلوچستان اسيمبلي جي 57 نون چونڊيل ميمبرن اسيمبلي جي ميمبرشپ جو حلف کڻي ورتو، بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر زمرڪ خان اچڪزئي ميمبرن کان حلف ورتو.ڄام ڪمال خان، صادق سنجراڻي، سردار اختر مينگل ۽ سرفراز بگٽي حلف برداري لاءِ اسيمبلي نه پهتا.

پهنجو تبصرو موڪليو