اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي وچ ۾ هڪ ڪلاڪ تائين هلندڙ ملاقات ختم ٿي وئي آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان اسلام آباد ۾ سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، جتي انهن ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ذريعن موجب، بلاول ڀٽو زرداري ڪشمير ۾ حڪومت سازي جي عمل ۾ فضل الرحمان سان صلاح مشورو ڪيو، جنهن تي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه حڪومت سازي بابت پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين کي صلاح ڏني.اهم ملاقات ۾ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ نيئر حسين بخاري، همايون خان ۽ جميل سومرو هئا، جڏهن ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي طرفان اڳوڻي وفاقي وزير مولانا اسد محمود ۽ مفتي ابرار اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
مشهور خبرون










