بلاول ھائوس ميڊيا سيل کي اوچتو باھ

ڪراچي ( باغي ساگر پنھوار ) ڪلفٽن ۾ وي باھ لڳڻ سبب ميڊيا سيل سينٽر ۾ موجود سموري عملي کي باحفاظت طور ڪڍيو ويو باھ کي وسمائڻ لاء فائير بريگيڊ جون ڳاڏيون واقعي واري ھنڌ پھچي باھ کي وسمايو ويو باھ لڳڻ بعد ڪارڪن ۽ صوبائي وزير به واقعي واري ھنڌ پھچي ويا جمعي ڏينهن ڪلفٽن واري علائقي ۾ بلاول ھاوس جي ميڊيا سينٽر ۾ اوچتو باھ لڳي وي باھ لڳڻ سبب ميڊيا سينٽر ۾ موجود عملي ۾ ڀاڄ شروع ٿي وي جڏهن باھ جو تيزي سان وڌڻ ڪري ۽ پورٽيٽ ۽ ڪاٺھي جو سامان سڙڻ ڪري اندر ڌونھون ڀرجي ويو اسٽاف کي باحفاظت طور ٻاھر ڪڍيو ويو باھ کي وسمائڻ لاء فائر برگيڊ جو عملو بروقت پھچي باھ کي وسمايو ويو جڏهن ته باھ لڳڻ جو ڪارڻ شاٽ سرڪٽ ٻڌايو پيو وڃي ميڊيا سينٽر کي لڳل باھ کانپوء ڪارڪنن ۽ صوبائي وزير به واقعي واري ھنڌ پھچي معائنو ڪيو ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو