بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم ٿيڻ جا امڪان، وساڻ جو خواب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم ٿيڻ جا امڪان آهن،پنهنجي هڪ بيان ۾ منظور وساڻ چيو ته ملڪ ۾ چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، پي ٽي آءِ جو باني هن وقت اليڪشن ۾ غائب آهي، سندس چوڻ هو ته اهو نه پيو سوچي ته اهڙين حالتن ۾ ڪا هڪ پارٽي اڪثريت سان حڪومت ٺاهيندي،منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ هاڻ جيڪا به حڪومت ايندي اها اتحادي هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو