بلاول پاران ڊي آءِ خان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڊي آءِ خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملي جي مذمت ڪئي آهي.سندس چوڻ آهي ته تشدد جي بزدلاڻي حرڪت ذريعي اسان جي سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو ويو، شهيد نائب صوبيدار ياسر شڪيل ۽ سپاهي طاهر نويد وطن لاءِ جانيون قربان ڪيون.پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قوم جي دفاع ۾ شهيد جوانن جي بهادري کي هميشه احترام سان ياد رکيو ويندو، پاڪستان پيپلزپارٽي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي پنهنجي عزم ۾ قوم سان گڏ آهي.پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيدن جي پونئرن سان تعزيت ۽ ايڪي جو اظهار ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو