بلال ڪالوني ۾ نوجوان ڇوڪري زيادتي بعد قتل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي بلال ڪالوني ۾ نوجوان ڇوڪري کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو.اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايو، جتي ان ڳالهه جي تصديق ٿي ته نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڳچيءَ ۾ ڦوڙو وجهي قتل ڪيو ويو آهي.وارثن پاران جاچ کان انڪار ڪرڻ تي پوليس واقعي کي شڪي قرار ڏئي ڇڏيو.ان کان اڳ گهرڀاتين دعويٰ ڪئي هئي ته ڇوڪريءَ پنهنجي ڳچيءَ ۾ ڦاهو وجهي خودڪشي ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو