بس ڊرائيور کان صدر تائين، سوشلسٽ، نڪولس مادورو جو سفر

بس ڊرائيور کان صدر تائين، سوشلسٽ، نڪولس مادورو جو سفر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)12سالن کان اقتدار ۾ رھندڙ وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو جي حڪمراني اڄ اوچتو خاتمو ٿي ويو. ڪاراڪاس تي تيز رفتار ڪارروائيءَ کان پوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ھفتي جي ڏينھن آمريڪي فورسز مادورو کي گرفتار ڪري ورتو آھي.
ٽرمپ جي حڪومت مادورو تي منشيات جي ڪارٽيل هلائڻ ۽ ٻين جرمن جا الزام لڳائيندي رھي آھي ۽ ڪيترن مھينن کان کيس اقتدار ڇڏڻ لاءِ دٻاءُ ۾ رکيو ھو.
نڪولس مادورو 23 نومبر 1962ع تي ھڪ محنت ڪش خاندان ۾ ڄائو. هو ھڪ ٽريڊ يونين اڳواڻ جو پٽ آھي ۽ 1992ع ۾ فوجي آفيسر ھيوگو شاويز جي ناڪام بغاوت جي وقت بس ڊرائيور جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو ھو.
ھن شاويز جي رھائيءَ لاءِ مھم ھلائي ۽ ان جي کاٻي ڌر واري نظريي جو پرجوش حامي بڻجي ويو. بي بي سي جي مطابق مادورو جو شاويز سان ڊگھو ۽ ويجھو تعلق ھو جيڪو شاويز جي قيد جي دور کان هلندڙ ھو.
شاويز جي 1998ع جي چونڊن کان پوءِ مادورو قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان کان پوءِ هو قومي اسيمبليءَ جو صدر ۽ پوءِ وزير خارجه بڻيو، جتي هن تيل مان مالي مدد وٺندڙ امدادي پروگرامن ذريعي عالمي سطح تي اتحادي ٺاھڻ لاءِ ڪيترائي دورا ڪيا.
شاويز مادورو کي پنھنجو نامزد جانشين قرار ڏنو ۽ شاويز جي وفات کان پوءِ 2013ع ۾ مادورو ننڍڙي فرق سان صدر چونڊجي ويو.

ان جي دور حڪومت ۾ ملڪ شديد معاشي بحران جو شڪار ٿيو، جنھن ۾ بي قابو مھانگائي ۽ ضروري شين جي مسلسل کوٽ شامل ھئي. ان جي حڪمراني مبينہ ڌانڌلي وارين چونڊن، کاڌي جي کوٽ ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي حوالي سان سڃاتي ويندي آھي، جنھن ۾ 2014ع ۽ 2017ع ۾ مظاھرن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون به شامل ھو.
لکين وينزويلا باشندا ملڪ ڇڏي ٻاھرين ملڪن ۾ منتقل ٿيا. گھٽ ۾ گھٽ ھڪ سال اڳ رائٽرز جي رپورٽ مطابق مادورو ڊرامائي انداز لاءِ مشهور ھو ۽ اپوزيشن سياستدانن کي فاشسٽ شيطان ۽ مراعات يافته پس منظر جا طعنا ڏيندو رھيو.
ملڪ اندر ۽ ٻاھر نقادن جو چوڻ آھي تہ هو ھڪ آمر ھو جنھن سياسي مخالفن کي قيد ڪيو يا ھراساں ڪيو ۽ اپوزيشن اميدوارن کي بار بار غير منصفانہ طريقي سان چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو.
مادورو جي حڪومت تي آمريڪا ۽ ٻين طاقتن طرفان سخت پابنديون لڳايون ويون. 2020ع ۾ واشنگٽن ان تي بدعنواني ۽ ٻين الزامن ۾ فرد جرم عائد ڪئي، جنھن کي مادورو رد ڪري ڇڏيو ھو.
جنوري 2025ع ۾ کائنس ٽيون ڀيرو حلف ورتو ويو، اھو 2024ع جي ان چونڊ کان پوءِ ھو جنھن کي عالمي مبصرن ۽ اپوزيشن وڏي پماني تي ڌانڌلي قرار ڏنو. حڪومتي فتح جي اعلان خلاف احتجاج ڪندڙ ھزارين ماڻھن کي جيل ۾ وجھي ڇڏيو ويو.
گھٽ ۾ گھٽ ھڪ مھينو اڳ اقوام متحدہ جي فيڪٽ فائنڊنگ مشن چيو ھو تہ ملڪ جي بوليويرين نيشل گارڊ ھڪ ڏھاڪي کان وڌيڪ عرصي ۾ سياسي مخالفن خلاف سنگين انساني حقن جي ڀڃڪڙيون ۽ انسانيت خلاف جرائم ڪيا آھن.
مادورو حڪومت جي جابراڻن عملن کي 2025ع جي نوبل امن انعام اپوزيشن اڳواڻ ماريا ڪورينا ماچاڊو کي ڏيڻ سان به نمايان ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو