بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 6 زخمي 4 گرفتار

خانپور(زبيرگل) ڳوٺ بيگو بروھي ۾ گھرو  مامري تان جھيڙو لٺيون ۽ سروٽا لگڻ سبب ٻنھي ڌرين جا  ھڪ عورت سميت 6 ڄڻا زخمي،  اسپتال منتقل، پوليس ٻنھي ڌرين جي فرياد تي اين سي داخل ڪري ٻنھي ڌرين جي 4 ڄڻا گرفتار ڪري ورتو. بروھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ گھرو تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو جنھن سبب لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻنھي ڌرين جا مسمات گنج بيبي سندس ڀاء عبدالحميد  بروھي ۽ چاچو صدام حسين بروھي،  نبي بخش بروھي،  علي گل بروھي زخمي ٿي پيا جن کي خانپور اسپتال آندو ويو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. ھوڏانھن خانپور پوليس ٻنھي ڌرين جي فرياد تي اين سي داخل ڪري ٻنھي ڌرين جي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو