برطرف ڪيل پوليس اهلڪارن جو بحاليءَ لاءِ ڌرڻو، احتجاج

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) جعلي ڀرتيون ڄاڻائي 6 سالن کان ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ 65 پوليس اهلڪارن کي برطرف ڪرڻ واري عمل خلاف اهلڪارن پاران گهنٽا گهر چوڪ تي احتجاجي ڏرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنھن سبب ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي مين روڊ تي سوين گاڏيون بهجي ويون ٽريفڪ نظام دربرھم ٿيڻ ڪري شھرين کي پريشاني جو منھن ڏسڻو پيو. احتجاج ڪندڙ اھلڪارن  ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان کان 6 سال ڊيوٽي ڪرائي وئي ۽ اسان کي ڄاڻي واڻي ڊي آئي جي لاڙڪاڻي برطرف ڪيو آھي ۽ اسان جا ٻار فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. ھنن سنڌ جي وڏي وزير کي اپيل ڪندي چيو ته مسئلي تي فوري نوٽيس ورتو وڃي ۽ اسان کي بيگناه برطرف ڪيو ويو آھي. هنن چيو ته جيڪڏهن اسان کي بحال نه ڪيو ويو ته اسين ڪجھ ڏيهن ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي جي آفس سامهون پاڻ کي ساڙينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو