دادو(ن سنڌيار) دادو ۾ برسات متاثرين پاران واهر نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب دادو آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي،ان موقعي تي مظاهرين ڪامران ٻٻر، منٺار ٻٻر،راشد ٻٻر، عبدالستار، بشير ٻٻر ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيو ته اسان جي ڳوٺ مريد ٻٻر ۾ برسات سبب غريب ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن تعلقي جوھي جي ڳوٺ مريد ۾ مسلسل برسات سبب پورهيتن جي گهر ۾ اٽو نه آهي ڳوٺ مريد ٻٻر پاڻي جي گھيري ۾ آھي روڊ رستا بند ٿي ويا آھن متاثرين کي ٽينٽ،اٽو،گيھ، دوائون سميت ٻين شين جي سخت ضرورت آھي ھنن وڌيڪ چيو ته ،اسان جا ڪيترا ٻار گيسٽرو،ڊائريا، سميت چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن اسان غريب پورھيتن جي مالي مدد ڪري اسان جي تڪليفن کي دور ڪيو وڃي اڄ به اسان جا ٻچا بک ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آھن متاثرين چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميہ کان مطالبو ڪيو تہ ڳوٺ مريد ٻٻر جي ماڻھن جي واھر ڪئي وڃي.










