ڪراچي(ن سنڌيار)ڪورنگي انڊسٽري ايريا جي سياسي سماجي اڳوڻن جي ضيا ڪالوني ۾ اھم گڏجاڻي جنهن ۾ ھنگامي بنيادن تي اھم فيصلا ڪيا ويا برسات متاثرن جي مدد لاء انھن جي کاڌي پيتي ۽ ڪپڙن جو بندوبست ڪيو ويندو گڏجاڻي ۾ موجود سڀني دوستن مٿان فنڊگ لاء زميواري رکي وئي جيڪي ڪمپني سطح تي گڏ ڪندا جنهن مان گھربل شيون وٺي ڪري متاثرن تائين پھچايون وينديون ۽ ڪيمپ پڻ لڳائي ويندي گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته متاثر ٿيل ماڻهن کي پنهنجي وس آھر روزگار سان لڳايو ويندو جنهن ۾ ھر دوست پنهنجي ڪمپني يا ڪنهن روزگار واري جڳهه تي ڳوٺن کان ايندڙ ماڻهن جو بندوبست ڪندا ! گڏجاڻي ۾ عابد چاچڙ رابيل ابڙو ملوڪ نندواڻي امجد ضلعو چانڊيو احسان چاچڙ سليم کوسو ۽ ٻين ڪيترن ئي دوستن شرڪت ڪئي.










