برساتي پاڻي ڪڍڻ تان جهيڙو 4 زخمي، عورت جو ٻار ضايع

نوشھرو فيروز (منظور ملڪ)ڳوٺ خدابخش ٻرڙو ۾ ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾  برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ تان جھيڙو ٿي پيوجھيڙي ۾ لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا اقبال ٻرڙو ـ ٺارل ٻرڙو ـ مبين ٻرڙو ـ نويد ٻرڙو زخمي ٿي پيا ان سلسلي ۾ ھڪ ڌر جي زخمي اقبال ٻرڙو ٻڌايو تـ مبين ٻرڙو واري ڌر برساتي پاڻي نيڪال ڪري اسان جي گھرن ۾ موڪلي ڇڏيو آھي منع ڪرڻ تان انھن زخمي ڪيو آھي جڏھن تـ اسپتال ۾ موجود ٻئي ڌر جي مبين ٻرڙو ٻڌايو تـ مخالف ڌر جا گھر ھيٺائين تي ھجڻ سبب برساتي پاڻي سندن گھر ۾ داخل ٿيڻ تان اقبال واري ڌر گارگند ڪري جھيڙو ڪري لٺيون ڪھاڙيون سان اسان کي زخمي ڪري وڌو  ھن وڌيڪ ٻڌايو ته  اقبال ٻرڙو وارن اسان جي گھر تي ھلان ڪئي جنھن سبب اسان جي ڳورھاري عورت مسمات گلان خاتون جو ٻار ضايع ٿي ويو آھي جڏھن تـ ڀرياروڊ پوليس طرفان ٻنھي ڌرين جي 11  کان وڌيڪ ماڻھن خلاف اين سي داخل ڪري ورتي آھي آخري اطلاعن تائين ڪا بـ گرفتاري عمل ۾ نـ اچي سگھي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو