بدين ۾ پاڻي کوٽ خلاف مظاهرو، لاشن جي غسل لاء به پاڻي ناهي، مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي ضلعي بدين ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف اسلام آباد نيشنل پريس ڪلب اڳيان مظاهروڪيو ويو. هن موقعي تي مظاهرين سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته بدين ضلعي جي پڇڙي وارن علائقن کي فوري پاڻي ڏنو وڃي. ڇنڇر تي ٿيل مظاهري ۾ ناليوارن اديبن جامي چانڊيو، ڊاڪٽر آڪاش انصاري، حسين جروار، گلشن لغاري، قائد اعظم يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ اسلام آباد ۾ رهندڙ سنڌين شرڪت ڪئي، مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جن تي بدين کي پاڻي ڏيو، سنڌ حڪومت اکيون کولي، غير قانون دڪا ۽ ٽڪا هٽايو، بدين بچايو، زراعت بچايو، بدين کي پاڻي پهچايو جا نعرا لکيل هئا. مظاهر ي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر آڪاش انصاري چيو ته بدين ضلعو ڪنهن وقت شگر جي وڌ ۾ وڌ پيداوار ڪندڙ ضلعو رهيو آهي، هن وقت بدين وڏي مقدار ۾ تيل ۽ گيس پيداوار ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ساحلي پٽي مان 80 سيڪڙو ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري دربدر ٿي ويا آهن، ماڻهن جو چوپايو مال ختم ٿي ويو آهي، حڪومت ۾ ويٺل وڏيرن سنڌ حڪومت سان گڏجي ماڻهن جو استحصال ڪيو آهي. هن چيو ته بدين، ٺٽو، ٿرپارڪر پڇڙي جا علائقا آهن، انهن کي حصي کان گهٽ پاڻي ملي ٿو، سکر بئراج وٽان انهن علائقن جو غيرقانوني طور تي پاڻي با اثر زميندار چوري ڪن ٿا. جامي چانڊيي هن موقعي تي چيو ته هن پٽي جا کوڙ اهڙا علائقا آهن، جتي لاشن کي غسل ڏيڻ لاءِ به پاڻي ناهي، بدين سان تعلق رکندڙ نام نهاد چونڊيل نمائندا خاموش آهن، هن چيو ته سنڌ کي جيستائين وفاق پنهنجي حصي موجب پاڻي نه ڏيندو تيستائين سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو مسئلو رهندو .

کیٹاگری میں : سنڌ

بدين ۾ پاڻي کوٽ خلاف مظاهرو، لاشن جي غسل لاء به پاڻي ناهي، مقرر” هڪ تبصرو

پهنجو تبصرو موڪليو