جي ڊي اڳواڻن جو ڌانڌلي خلاف ڊي آر او آفيس اڳيان ڌرڻو

بدين: (ن س ) 8فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي نتيتجن کي جي ڊي اي رد ڪري ڇڏيو آهي عوام جي مینڊیٽ تي ڌاڙو ھنيو ويو آهي ڊي آر اوز ۽ اليڪشن ڪميشن سنڌ جي عوام جي مینڊیٽ جو سودو ڪيو آهي اھڙن خيالن جو اظهار جي ڊي اي طرفان چونڊن ۾ ڌاندلين نتيجا تبديل ڪرڻ خلاف ڊي سي ۽ ڊي آر او بدين ۽ اليڪشن ڪميشن جي خلاف بدین ۾ ڊي سي ۽ ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج ڪري ڌرڻو ھنيو ويو جيڪو جلسي جي شڪل اختيار ڪري ويو کي جي ڊي اي جي مڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر فھميدا مرزا کے ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا امير آزاد پنھور ۽ ڊاڪٽر مير عبد الله ٽالپر حسنين مرزا حسام مرزا خطاب ڪندي چيو ته اڄ ڪي پي ڪي ۽ پنجاب سمیت ملڪ جون خراب حالتن جي ذميوار ذمیوار الیڪشن ڪمیشن آهي ھنن چيو ته اسان چونڊن کان پھرين خدشا ظاهر ڪيا ھئا ته سنڌ جي ڪا مورن جي نگراني ۾ چڳنڊون نه ڪرايون وڃن ڇاڪاڻ ته سنڌ جا ڪامورا عوام جا نه پر زرداري جا نوڪر آهن ۽ اڄ اھو ثابت ٿي ويو ته نه صرف سنڌ جا ڪامورا پر اليڪشن ڪميشن ۽ ڪجهه ٻيا ادارا به ان جا ذميوار آهن ھنن چيو ته سنڌ ۾ ڌاھاندلي جا رڪارڊ ٽوڙ يا ويا آهن پولنگ اسٽیشنن تي پ پ پ جي وڏيرن جي ذاتي ملازمن کي پرزائڊنگ آفيسر ڪري ويھاريو ويو ۽ عورتن جي پولنگ اسٽيشنون مردن جي حوالي ڪيون ويون جتي عورتن جي کلي عام تذليل ڪئي وئي جنهن تي اليڪشن ڪميشن ايس ايس پي ۽ ڊي آر او خاموش تماشا ئي بڻيل رھيا ھنن چيو ته بلاول چند سیٽن خاطر سنڌ ۽ سنڌ جي نياڻين جي تذليل ڪرائي آهي ھنن چيو ته اڃان چونڊن جا نتيجا ظاهر نه ٿا پر بلاول پھرين اسلام آباد پھچي ويو حڪومت جي جوڙ توڙ ڪرڻ ھنن چيو ته سنڌ کي ڪالوني جيان ٽريٽ نه ڪيو وڃي سنڌ کي مجبور نه ڪريو ته ملڪ جي ٻين صوبن جيان ھتي به باھ ٻري وڃي ھنن چيو ته اسان سنڌ جي عوام جو مينڊيٽ تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏينداسين ،سنڌ جي عوام کي رڍون ۽ ٻڪريون سمجهڻ ڇڏي ڏيو ھنن چيو ته اسان ملڪي ادارن کي به خبردار ڪريون ٿا ته ھاڻ سنڌ جي کان اظهار راء جو به حق کسيو ويو ته ان کانپڳء جي حالتن جا ذميوار به اوھان ھوندا ھنن ملڪ جي وڏن ۽ قومي ميڊيا جي ادارن جا نالا وٺي انهن کي چيو ته ھو سنڌ جي عوام سان زدادتين کي پنهنجي صحافتي ادارن ذريعي دنيا کي ڏيکارين ت ته سنڌ ھنن چيو ته اسان 12 فيبروري تي جي ڊي اي جو اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن ۾ دھآندلين خلاف ڀرپور احتجاج احتجاج جو لاء عمل چوڙيو ويندو ۽اان سان گڏ اسان عدالتن ۾ به وينداسين اگر اتان اسان کي انصاف نه مليو ته اسين سنڌ ۾ دمادم مست قلندر ڪنداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

جي ڊي اڳواڻن جو ڌانڌلي خلاف ڊي آر او آفيس اڳيان ڌرڻو” هڪ تبصرو

پهنجو تبصرو موڪليو