بدامني جي باهه خلاف شهرين جو احتجاجي ڌرڻو

جوهي (ن سنڌيار)جوهي تعلقي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سياسي, سماجي  ۽ مذهبي اڳواڻن احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو ويو. امين وگهيو غلام مصطفي لاشاري خليل عارف سومرو  تنوير روستماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مخدوم بلاول پارڪ کان ايس ايس پي دادو, ڊي ايس پي جوهي ۽ ايس ايڇ او جوهي  خلاف سخت نعري بازي ڪري پريس ڪلب اڳيان جوهي دادو روڊ تي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪاڇي سميت جوهي تعلقي اندر ڦرون, چوريون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن چورن شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو ڏينهن ڏٺي ڦورو سرعام شهرين کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويندا آهن انهن وڌيڪ چيو آهي ته جوهي پوليس اگهور ننڊ ستل آهي ايس ايس پي دادو پئسن عيوض پوليس اهلڪارن کي ويزا تي موڪلي ڇڏي ٿي، هنن وڌيڪ چيو آهي ته گذريل ست ڏينهن ۾  جوهي تعلقي اندر ڏھ کان ٻارهن ڦرن جا واقعا ٿيا آهن شهري غير محفوظ آهن . اڳواڻن آء جي سنڌ , ڊي آء جي حيدرآباد ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته جوهي تعلقي اندر وڌندڙ بدامني تي ڪنٽرول ڪري امن بحال ڪيو وڃي ۽  شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو