بحريه ٽائون جو آفيسر ضمانت رد ٿيڻ بعد فرار، پوليس هٿان گرفتار

ڪراچي (دريا خان شر) ڪراچي ڪسٽم ڪورٽ بحريه ٽائون طرفان جعلي اين او سي تي بلٽ پروف لينڊ ڪروزرز  امپورٽ ڪرڻ بابت  داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران جوابدار جي ڪچي ضمانت رد ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اهڙي حڪم بعد بحريه ٽائون جي آفيسر نعيم ملڪ عدالت مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي پوليس پڪڙي ورتو، عدالت جوابدار کان پڇو ته ضمانت رد ٿيڻ تي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي، جنهن تي جوابدار عدالت کي ٻڌايو ته جاچ آفيسر ۽ وڪيل ضمانت ڪنفرم ڪرائڻ لاءِ مون کان 15 لک رپيا ورتا هئا مون کي جاچ آفيسر پاران چيو ويو هو ته ضمانت پڪي سمجهو، جوابدار جي اهڙي انڪشاف تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هنن ڇا سمجهيو آهي ته عدالت سندن کيسي ۾ آهي، عدالتن جي نالي تي پئسا ورتا پيا وڃن. عدالت جوابدار کي فوري طور تي گرفتار ڪري جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران ايف بي آر پاران عدالت کي ڄاڻ ڏني وئي ته بحريه ٽائون راولپنڊي 2013ع ۾ ٻه بلٽ پروف لينڊ ڪروزر امپورٽ ڪيون، 2014 ۾ وفاقي گهرو کاتي جي اين او سي ۾ گاڏيون اسمگل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو جنهن جي تصديق ڪرائڻ بعد پتو پيو ته بحريه ٽائون جعلي اين او سي تي گاڏيون امپورٽ ڪيون آهن. ايف بي آر پاران وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو ته ملزم نعيم ملڪ ڊگهي عرصي کان مفرور ۽ اشتهاري هو، جنهن کي ڪجهه وقت اڳ گرفتار ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو